شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نوابشاهه:

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نوابشاهه:

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه

شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نوابشاهه: هيءَ يونيورسٽي خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن جي همت افزائي لاءِ 2012ع ۾ نوابشاهه شهر، شهيد بينظيرآباد ضلعي ۾ قائم ڪئي وئي آهي. يونيورسٽيءَ پاران ابتدائي طور 3 پروگرام بيچلر آف ايڊيوڪيشن (آنرس)، بيچلر آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ بي. ايس (انگلش) شروع ڪيا ويا آهن. موجوده جاري ٽنهي پروگرامن لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي داخلا لاءِ 200 سيٽون رکيون ويون آهن. هن يونيورسٽيءَ لاءِ ’هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن پاڪستان‘ طرفان فنڊ پڻ ڏنا ويا آهن. يونيورسٽيءَ ۾ جاري ٽنهي پروگرامن تحت بزنس ايڊمنسٽريشن، انگلش، انفارميشن ٽيڪنالاجي، حساب، فزڪس، ڪيمسٽري، باٽني، زولاجي، ڪامرس ۽ پاڪستان اسٽڊيز جا ڪورس پڙهايا وڃن ٿا. شاگردن جي غير نصابي سرگرمين ۾ پڻ همت افزائي ڪئي وڃي ٿي ۽ فيلڊ ورڪ پڻ ورتو وڃي ٿو. يونيورسٽيءَ جي استادن تي مشتمل هڪ راندين جي ڪاميٽي پڻ قائم ٿيل آهي، جيڪا پنهنجي نگرانيءَ ۾ يونيورسٽيءَ اندر توڙي ٻاهر ننڍا وڏا راندين جا پروگرام ڪرائيندي آهي.
يونيورسٽيءَ پاران ڪرڪيٽ، هاڪي، فوٽ بال، ٽينس، بيڊمنٽن، والي بال ۽ ٻين راندين لاءِ سهولتون ميسر ڪيل آهن. مستحق شاگردن جي مدد لاءِ سينيئر استادن تي مشتمل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙيل آهي، جيڪا سرڪاري فنڊ مان وائيس چانسلر جي منظوريءَ سان حقدار شاگردن جي مالي مدد ڪندي آهي.
هيءَ يونيورسٽي عمارت نه هجڻ سبب في الحال ڊگري ڪاليج جي ’پوسٽ گريجوئيٽ ڪورسز بلاڪ‘ ۾ هلي رهي آهي، جڏهن ته عمارت لاءِ شهر کان ٻاهر سڪرنڊ روڊ تي پائليٽ ڪاليج لڳ پلاٽ پڻ ڏنو ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو